سونٺ جيرو لوڪ گيت

سونٺ- جيرو (لوڪ گيت): هيءُ لوڪ گيت جو هڪ قسم آهي، جيڪو ٿرپارڪر واري حصي ۾ عام رائج آهي. هن گيت جو مکيه موضوع زال ۽ مڙس جي محبت آهي. گهڻو ڪري هي گيت پرڻيل توڙي ڪنواريون ڇوڪريون گڏجي وندر خاطر ڳائينديون آهن. هن گيت جو نمونو هن ريت آهي:
ڪٿڪي اپجي سونٺڙي، ئي ڪٿڪي اپجي جيرو،
ڪٿڪي وسي صاحٻو، تي نڻندل ٿانرو ويرو،
امراڻي اوپجي سونٺڙي، مارواڙ اوپجي جيرو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو